291

منھڙو ڀرسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول قمرالدين چانڊيو جي عمارت زبون حالي جو شڪار، اختيارين اک نه پٽي

منھڙو (ن سوڀ) منھڙو ڀرسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول قمرالدين چانڊيو جي عمارت زبون حالي جو شڪار ٿي وئي آهي.  اڄڪلهھ جي هن جديد دؤر  ۾ جتي دنيا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جديد طريقا ايجاد ٿي رهيا آھن، ان جي ڀيٽ ۾  ضلعي نوشھروفيروز جي تعلقي مورو جي مک شهر قمرالدين چانڊيو جو پرائمري اسڪول جنهن جو بنياد 1944ع  تي رکيو ويو،  جنهن مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪيترائي شاگرد ملڪ جي اهم عهدن تي مقرر آھن، چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب اسڪول جي عمارت تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آھي،  جڏهن ته ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آھي،  جنهن سبب ڪجھه مهينا اڳ ٻه ٻار زخمي پڻ ٿي چڪا آھن،  اسڪول جي استادن مطابق ڇت جا چاپڙ ڪرڻ  سبب هاڻي شاگردن سان گڏ اسان کي اسڪول ۾ پڙھائيندي به خوف ٿئي ٿو،  ان ڪري اسان ڪجهھ ڪلاس روم جي شاگردن کي ٻاهر اس ۾ پڙھائڻ تي مجبور آھيون. اسڪول تي مقرر استادن ۽ ڳوٺ جي معززين پاران سيڪريٽري تعليم ۽ وزير تعليم سميت چونڊيل ايم اين اي ذوالفقار بيهڻ ۽ ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي  کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد کان جلد اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي يا نئين سر عمارت تيار ڪرائي وڃي ته جيئن معصوم شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو