225

وزيراعظم سڀاڻي پنهنجي وڪرو ٿيل ميمبرن کان اعتماد وارو ووٽ وٺندو: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن جي نتيجن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان چيو هو ته ميمبر وڪرو ٿي ويا ۽ سڀاڻي هو انهن ئي  ميمبرن کان اعتماد وارو ووٽ وٺندو. پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته ننڍي ۽ سينيٽ چونڊ ۾ حڪومت کي مات ڏئي ڇڏي آهي، هاڻي ن ليگ آزاد ڪشمير مان به ڪاميابي حاصل ڪندي، مسلم ليگ جو ڪلچر تبديل ٿي ويو آهي، هٿ ٻڌي سڀ ڳالهايون نه ٻڌنداسين. مريم نواز چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪا راءِ ڏني آهي اها آئين تحت ڏني آهي، آئين ۾ ترميم جو نه اليڪشن ڪميشن ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ کي اختيار آهي، سپريم ڪورٽ اها ئي پوزيشن مڃي جيڪا اليڪشن ڪميشن ورتي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ آئيني پوزيشن ورتي هئي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ارب پتي ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون، اتي حڪومتي ميمبر کٽيا ته بلڪل ٺيڪ آهي، اسلام آباد ۾ هڪ سيٽ هارائي ويا ته چونڊ هاڻي صحيح ناهي، هاڻي ادارن کي به خبر پئجي وئي آهي ته ادارن جي توهين ڪندڙ ڪهڙا ماڻهو آهن. مريم نواز چيو ته صدر سمري ۾ لکيو آهي ته وزيراعظم اعتماد وارو ووٽ وڃائي ويٺو، ان کي پبلڪ ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي جو اجلاس آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 7 تحت سڏايو ويو آهي، شق ۾ لکيل آهي ته وزيراعظم اعتماد وڃائي ويٺو ۽ هاڻي هو اعتماد وارو ووٽ وٺي، سينيٽ چونڊن جي نتيجن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان چيو هو ته ميمبر وڪرو ٿي ويا ۽ سڀاڻي هو انهن ئي  ميمبرن کان اعتماد وارو ووٽ وٺندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو