172

پي ڊي ايم اڄ بنون ۾ جلسو ڪندي، مريم نواز شامل نه ٿي سگهندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر پاران جوڙيل پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پاران اڄ بنون ۾ جلسو ڪوٺايو ويندو، جڏهن ته جلسي ۾ مريم نواز شامل نه ٿي سگهندي. رپورٽن مطابق جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جلسي ۾ مريم نواز بدران ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال ۽ خيبرپختونخواهه جو صدر انجنيئر امير مقام شامل هوندا، جلسي گاهه کي بينرن ۽ جهنڊن سان سجايو ويو آهي، جڏهن ته جلسي ۾ مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا خطاب ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو