148

2015ع کان هيستائين افغانستان ۾ 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن: صدر اشرف غني

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان صدر اشرف غني جو چوڻ آهي ته 2015ع کان هيستائين سڄي ملڪ ۾ 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. اشرف غني سي اين اين کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جڏهن کان هو اقتدار ۾ آيو آهي، ملڪ ۾ پرتشدد واقعن ۾ چاليهه هزار کان وڌيڪ شهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن، نيٽو جي ماتحت فرض نڀائيندڙ 98 آمريڪي فوجي پڻ ان عرصي ۾ مارجي ويا آهن. طالبان ۽ افغان وفد وچ ۾ قطري گادي واري شهر دوحه ۾ جاري امن ڳالهين جو ذڪر ڪندي اشرف غني چيو ته  افغانستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جي خاتمي لاءِ طالبان سان طئي ٿيندڙ ڪنهن امڪاني معاهدي جي عالمي برادري کي ضمانت ڏيڻي پوندي، اسان موجوده اڳڀرائي جي آجيان ڪيون ٿا ۽ امن چاهيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو