309

حڪومت فرانس جي سفيرن کي پاڪستان مان بيدخل ڪري: منظور آباد ۾ ڪانفرنس دوران عالمن جو مطالبو

ڄامشورو: (ن سوڀ) ڄامشورو ڀرسان لاکڙا ڪول مائنز جي انڊس ڪمپنيءَ جي جامع مسجد ۾  محفل ميلاد ڪانفرنس جي تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ نامياري عالم دين پروفيسر محمد اعجاز ملڪ خطاب ۽ مشهور نعت خوان محمد شاهد مقبول قادري،  شعيب نذير قادري. نويد مقبول قادري، محمد شاهد روشن حمد ۽ نعتون پيش ڪيون ته مسجد لبيڪ يارسول الله مرحبا جي نعرن سان گونجي اٿي. ان موقعي تي نامياري عالم دين پروفيسر محمد اعجاز ملڪ، مقبول ميانوالي، حافظ امتياز ميمڻ ۽ ٻين پاران فرانسيسي صدر پاران گستاخ خاڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته فرانس جي صدر پاران خاڪا ٺاھڻ وارو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو ناهي، پاڪستان اندر فرانس جي وڪرو ٿيندڙ سمورين شين جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته فرانس ۽ ٻيون اسلام دشمن قوتون نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪري دنيا جو امن خراب ڪري خانه جنگي ڪرائڻ چاهين ٿيون، پاڪستاني حڪومت کي گهرجي ته فرانس جي سفيرن کي پاڪستان مان بيدخل ڪري. هنن دنيا جي عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته فرانس جي صدر پاران ڪيل گستاخي جو نوٽيس ورتو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو