294

اسرائيلي فوجي عدالت مان فلسطيني عورت کي 22 مهينا قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

والاريل بيت المقدس (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي هڪ فوجي عدالت حراست هيٺ فلسطيني عورت ايمان الاعور کي 22 مهينا قيد ۽ 20 هزار شيڪل جي سزا ٻڌائي آهي. فلسطين جي اطلاعات واري مرڪز مطابق بيت المقدس جي علائقي سلوان سان تعلق رکندڙ 45 سالن جي ايمان الاعور کي اسرائيلي فوج ڪجهه عرصو اڳ حراست ۾ ورتو هو. اسرائيلي فوج ۽ انٽيلي جنس اختيارين ايمان تي فلسطيني قيدين سان سهڪار جو الزام لڳايو آهي. ايمان الاعور کي اسرائيلي فوج 17 جون 2020ع تي بيت المقدس مان حراست ۾ ورتو هو. واضح رهي ته ايمان الاعور جو پٽ محمد الاعور ۽ مڙس عبدالمنعم الاعور پڻ اسرائيلي جيل ۾ قيد آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو