ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏھرڪي ويجهو نئوڪوٽ وٽ قومي شاهراهه تي گذريل ڏينهن صبح جو سوير تلهار کان پنجاب جي شهر حافظ آباد ڏانهن مال کڻي ويندڙ ٽرڪ جا اوچتو بريڪ فيل ٿيڻ سبب تيز رفتاري جي ڪري ٽرڪ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ٽرڪ ڊارئيور عمير وقاص سميت واپاري شوڪت علي انصاري ۽ مظھر علي انصاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏھن ته 3 ڄڻا سجاد انصاري، غفار انصاري ۽ وليد انصاري سخت زخمي ٿي پيا، جنهن بعد حادثي جي اطلاع تي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ۽ پوليس پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي ڏهرڪي جي اسپتال آندو، جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين علاج لاءِ رحميارخان نيو ويو. هوڏانهن فوتي واپارين ۽ زخمين جو تعلق پنجاب جي شهر حافظ آباد سان ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب ٽرڪ ۾ سوار 4 ٻڪريون پڻ مري ويو.
107