99

رستم ڀرسان ڪمالاڻي ۽ عطراڻي جتوئين ۾ جهيڙو بند نه ٿيو، وڌيڪ هڪ ڄڻو قتل

خانپور (ويب ڊيسڪ) رستم ڀرسان ڪمالاڻي ۽ عطراڻي جتوئين ۾ جهيڙو بند نه ٿيو، وڌيڪ هڪ ڄڻو قتل، انتظاميا ناڪام، ان سلسلي ۾ ڳوٺ سوڍي ڪمالاڻي ۽ حبيب جتوئي تي مخالف ڌر جي هٿياربند جي فائرنگ ۾ 12 ڪلاڪن اندر ٻيو ڳوٺاڻو مارجي ويو، هڪ ڏينهن اڳ عورت جي مارجڻ بعد ساڳئي ڳوٺ ۾ نوجوان منظور پٽ علي حسن ڪمالاڻي به قتل ٿي ويو، رات دير سان رستم پوليس قتل ڪيل احسان زال هدايت ڪمالاڻي جو لاش پوليس 10 ڪلاڪن بعد چڱن مڙسن جي مداخلت تي هٿ ڪري خانپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارث عورتن حوالي ڪيو ان دوران مارجي ويل عورت جي وارثن پوليس کي لاش پوسٽ مارٽم ڏيڻ لاءِ انڪار ڪندي چيو هو ته پوليس رڳو ڪيس داخل ڪرڻ ۾ پوري آهي، جوابدار گرفتار ڪرڻ کان لنوائي ٿي، ان ڪري اسان لاش پوسٽ مارٽم نه ڪرائينداسين، هوڏانهن پوليس مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو، جيڪي مڙهه کڻي گهر پهتا ته زخمي نوجوان منظور پٽ علي حسن به دم ڏئي ڇڏيو،جنهن بعد ان جو لاش به خانپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، هوڏانهن ٻنهي مقتولن جا لاش هٿيارن جي پهري ۾ اباڻي قبرستان ۾ دفنايا ويا، آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو هو، جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو