ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ماهيگير کي مڇين هڪ رات ۾ ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو آهي، رپورٽ مطابق چندراڪات نالي ڀارتي ماهيگير جي ڄار ۾ 150 گول مڇيون ڦاٿيون، جن کي سوني جو دل رکندڙ مڇيون به چيو ويندو آهي، انهن گول مڇين مان مهانگيون دوائون ۽ ٻيون قيمتي شيون ٺاهيون وينديون آهن، نيلامي ۾ گول مڇيون هڪ ڪروڙ 33 لک ڀارتي پئسن ۾ وڪرو ٿي ويون.
