136

چيني عورت پاران 40 سالن کان ننڊ نه ڪرڻ جي دعويٰ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني عورت پاران 40 سالن کان ننڊ نه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جنهن جي تصديق سندس پاڙيسرين توڙي مڙس پاران به ڪئي وئي آهي، رپورٽ مطابق چيني عورت لي جين جو چوڻ آهي ته هوءَ 10، 15 ڏينهن پر مسلسل 40 سالن کان نه ستي آهي، هن چيو ته آخري ڀيرو آخري ڀيرو تڏهن ستي هيس جڏهن منهنجي عمر 4 يا 5 سال هئي، ننڊ جون دوائون به مون مٿان اثر ناهن ڪنديون، ڊاڪٽر کيس 48 ڪلاڪن جي مشاهدي ۾ رکيو، هوڏانهن ڊاڪٽرن مطابق لي جين سمهندي آهي، پر سندس اکيون کليل رهنديون آهن ۽ هوءَ ان دوران ڳالهائيندي رهندي به آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو