151

سنڌ آبادگار بورڊ زرعي شين جي ايڪسپورٽ تي امڪاني پابندي جي مخالفت ڪري ڇڏي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ آبادگار بورڊ وفاقي حڪومت طرفان زرعي شين جي ايڪسپورٽ تي امڪاني پابندي جي سخت مخالفت ڪندي ان کي ملڪ جي آبادگارن ۽ زراعت لاءِ هاڃيڪار قرار  ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ ۾ آبادگارن کي اعلانيل سبسڊي نه ملڻ تي پڻ سخت ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.  ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو هڪ اهم اجلاس سينيئر نائب صدر محمود نواز شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ بورڊ جي مرڪزي آفيس ۾ ٿيو، جنهن ۾ سيد نديم شاهه، ڊاڪٽر  محمد بشير نظاماڻي،  اسلم مري، اعظم رند، عمران بوزدار، عبدالخالق کوسو، اسحاق خان مغيري، ارباب احسن، واجد علي چانڊيو، مراد علي شاهه بڪيرائي ۽ مختلف ضلعن جي آبادگارن شرڪت ڪئي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ زرعي شين جي ايڪسپورٽ تي امڪاني پابندي، پاڻي جي کوٽ ۽ ان جي نتيجي ۾ سارين جي پوک تي پيل خراب اثرن، سنڌ ۾ آبادگارن لاءِ رٿيل سبسڊي تي عمل نه ٿيڻ ۽ تعلقي جاتي ۾ آبادگارن جي زمين تي  هٿيارن جي زور تي ٿيل قبضن سميت اهم معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.  سنڌ آبادگار بورڊ جي  اجلاس ۾ چيو ويو ته وفاقي حڪومت جي ناڻي واري وزارت زرعي شين جي ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ جو سوچي رهي آهي جنهن جي آبادگار ڀرپور مخالفت ڪندا. زميني حقيقتون ڏسڻ ۽  لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا اهڙو ڪو به فيصلو  پاڪستان ۾ زراعت توڙي خوراڪ جي ڊگهي مدي جي تحفظ لاءِ فائديمند نه ٿيندو. جنهن کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ پيداواري خرچ خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، 12 مهينن جي اندر ٻج ۽ ڀاڻ جا اگهه 50 سيڪڙو کان 110 سيڪڙو تائين وڌي ويا آهن، ڊيزل ۽ زرعي دوائن جي اگهن ۾ پڻ واڌ ٿي آهي، ان ڪري پيداواري خرچن کي نظر ۾ رکڻ بنا زرعي شين جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ سان ملڪي پيداوار سخت متاثر ٿيندي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو آهي ته اهي زرعي شيون جيڪي اسان وٽ گهرج کان وڌيڪ آهن جيڪڏهن انهن جي هروڀرو  ايڪسپورٽ  روڪڻ ۽ امپورٽ جاري رکڻ جو فيصلو ڪرڻو ئي آهي ته ان لاءِ به وفاقي حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ ڪا حد مقرر ڪرڻ گهرجي ته جڏهن زرعي شين جا اگهه گهڻا وڌي وڃن ته ان وقت ايڪسپورٽ کي روڪيو وڃي. گذريل سال پڻ جڏهن جڏهن سنڌ ۾ بصر  مارڪيٽ ۾ اچي رهيو هو ته ان وقت بصر جي امپورٽ ته جاري رکي وئي پر ايڪسپورٽ آڪٽوبر ۾ روڪي وئي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ آبادگارن کي بصر جو في ڪلو اگهه 45 روپين مان گهٽجي 8 روپيا مليو.  سنڌ آبادگار بورڊ چيو آهي ته جڏهن پاڪستان ۾ زرعي شين جو ڪو گهٽ ۾ گهٽ امدادي اگهه به مقرر نه ٿو ڪيو وڃي ته اهڙي صورت ۾ انهن جي ايڪسپورٽ روڪڻ جو ڪو به جواز نه آهي. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڀارت ۾ پيداواري خرچن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو ۽ 22 زرعي شين جا گهٽ ۾ گهٽ امدادي اگهه پڻ مقرر ڪيا وڃن ٿا. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ ان جي پڻ نشاندهي ڪئي وئي ته ملڪ ۾ ڪنٽينرز جي وڏي کوٽ ٿيڻ سان گڏ مال ڍوئڻ  جي خرچن ۾ پڻ ٽيڻي واڌ ٿي وئي آهي، جنهن سان زرعي شين جي برآمد پڻ ڏکي ٿي وئي آهي، جنهن ڪري انهن خرچن جو سڌي يا اڻ سڌي ريت بار پڻ آبادگارن تي ئي پئجي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ رڳو زرعي شين جي ايڪسپورٽ جي اجازت ڏئي آبادگارن جي ڪنهن قدر مدد ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ ضلع قمبر شهداد ڪوٽ جي آبادگارن ٻڌايو ته دادو ڪئنال جي پڇڙي وارن علائقن قمبر شهداد ڪوٽ ۽ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ پاڻي دير سان ملڻ يا وري گهربل پاڻي نه ملڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ سارين جي پوک نه ٿي سگهي آهي ۽ ڪن علائقن ۾ دير سان پوک ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري انهن علائقن ۾ سارين جي پيداوار  متاثر جو امڪان آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن پاڻي جي اها ئي صورتحال رهي ته پوءِ ايندڙ خريف جي پوک پڻ سخت متاثر ٿيندي، انهن علائقن جا ننڍا ۽ وچولا آبادگار معاشي طور سخت متاثر ٿي رهيا آهن.ان ڪري سنڌ آبادگار بورڊ گهر ڪئي آهي ته ضلع قمبر شهداد ڪوٽ سميت پوري سنڌ ۾ پڇڙي وارن علائقن ۾ آبپاشي جي اسٽرڪچر کي بهتر ڪري گهربل پاڻي پهچائڻ جا وقت سر اپاءِ ورتا وڃن. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ سنڌ جي آبادگارن کي سبسڊي نه ملڻ تي پڻ سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، اجلاس ۾ چيو ويو ته پنجاب ۾ ته آبادگارن کي گذريل 4 سالن کان ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تي سبسڊي ملي رهي آهي پر سنڌ جا آبادگار ان کان اڃان تائين محروم آهن. جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت سبسڊي جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي 6 ارب روپيا پڻ ڏئي چڪي آهي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو  آهي ته اها سبسڊي وونئڻن ۽ سارين جي پوکن تي ڏيڻي آهي ۽ اهي ٻئي پوکون هاڻي تيار پڻ ٿي ويون آهن، جنهن ڪري سنڌ حڪومت ڪو اهڙو طريقو تيار ڪري ته جيئن ننڍن۽ وچولن آبادگارن کي شفاف نموني سبسڊي ملي سگهي. ڀاڻ، ۽ ٻجن جي اگهن ۾ واڌ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي  ننڍن ۽ وچولن آبادگارن جي مدد ڪرڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو يو ته ضلع سجاول جي تعلقي جاتي ۾ آبادگارن جي تيار ٿيل سارين جي فصل تي ڏوهارين غيرقانوني طور تي قبضو ڪري ورتو آهي، جيڪي زمين جي مالڪن کي پنهنجو فصل کڻڻ به نه ٿا ڏين، جيڪا انتهائي ڳڻتي واري صورتحال آهي. اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته جاتي تعلقي ۾ آبادگارن جي تيار ٿيل سارين جي فصل تي قبضو ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو