156

لاڙڪاڻو بورڊ پاران نائين درجي جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻو بورڊ سالياني نائين درجي جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، بورڊ پاران نائين درجي جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا، جاري ڪيل نتيجن موجب ڪنٽرول بورڊ طرفان نائين ڪلاس جي سائنس گروپ ۾ 47934 شاگرد ۽ شاگردياڻين فارم ڀرياـ 7پيپرز ۾ 42346 اميدوار پاس ٿيا،6 پيپرن ۾ 633، 5 پيپرن ۾ 422، 4 پيپرن ۾ 1215، 3 پيپرن ۾ 7، 2 پيپرن ۾ 11 جڏهن ته ھڪ پيپر ۾ 210 اميدوار پاس ٿيا، 1302 شاگرد ۽ شاگردياڻيون فيل ٿيون ـ 185 ڪاپي ڪيس ڪيا ويا،  ھڪ شاگرد جا ڪاغذ مڪمل نه ھجڻ ڪري نتيجو روڪيو ويو، لاڙڪاڻو بورڊ پاران لاڙڪاڻو ـ قمبرشھدادڪوٽ  ـ شڪارپورـ جيڪب آبادـ ڪشمور ۽ دادو ضلعي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو، نائين جنرل گروپ ۾ 1135 شاگرد پاس ۽ 49 فيل ٿيا ۽  21 ڪاپي ڪيس ٿيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو