155

اليڪشن ڪميشن بار ڪوڊ يا سيريل نمبر تحت سينيٽ چونڊن جا بيلٽ پيپر ٺاهي: شبلي فراز

پشاور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سڀئي لاڳاپيل ادارا سينيٽ چونڊن ۾ اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري بابت ٿيندڙ ڪوششن تي نظر رکڻ لاءِ متحرڪ آهن، جيڪو به ان اليڪشن ۾ بدعنواني جو سهارو وٺندو يا بدعنواني جي ڪوششن جو شڪار هوندو ان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن بار ڪوڊ يا سيريل نمبر تحت سينيٽ چونڊن جا بيلٽ پيپر ٺاهي. پشاور ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي اطلاعات واري خصوصي صلاحڪار ڪامران بنگش سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽ چونڊن جي حوالي سان صدارتي ريفرنس بابت سپريم ڪورٽ جي راءِ تاريخي اهميت رکندڙ آهي ۽ ان راءِ مان اهو لڳي ٿو ته سينيٽ چونڊون آئين جي آرٽيڪل 226 تحت ئي ٿينديون، تنهن هوندي به سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ اليڪشن جي شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ٻيا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ چئي ڇڏيو آهي ته ”سيڪريسي آف بيلٽ“ دائمي ناهي، تنهن ڪري هاڻي اها اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته هو ڪهڙي طرح اهو يقيني بڻائي ٿو ته بليٽ پيپرز جي سيڪريسي دائمي نه رهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو نظريو آهي ته ملڪ ۾ هر حوالي سان شفافيت ۽ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪرپشن فري سوسائٽي جي قيام طرف وڌيو وڃي، تنهن هوندي به هن وقت ملڪ ۾ ٻن نظرين جي جنگ وڙهي پئي وڃي، هڪ نظريو پي ٽي آءِ جو آهي جنهن سان گڏ هو ساڄي طرف بيٺل نظر اچي ٿي، جڏهن ته ٻيو نظريو مخالف ڌر جو آهي جيڪا ”اسٽيٽس ڪو“ چاهي ٿي ۽ ضمير خريد ڪرڻ جي سياست جي فروغ تي يقين رکي ٿي، ان نظريي سان مخالف ڌر کاٻي طرف بيٺل نظر اچي ٿي. هن چيو ته ان نظريي تحت اسلام آباد کان سينيٽ جي سيٽ تي مخالف ڌر پنهنجو اميدوار لاٿو آهي ۽ مخالف ڌر جي ڪوشش آهي ته نمبر گيم ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود ميرٽ جو قتل عام ڪري ان اميدوار کي جيڪو بدعنواني ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ ۾ملوث رهيو آهي، کي ڪامياب ڪرايو وڃي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر اميدوار جي مقابلي ۾ اسلام آباد سيٽ لاءِ حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ ايماندار ۽ قابل ماڻهو آهي ۽ هو ڪامياب ٿيندو، هن چيو ته عام چونڊن وانگر سينيٽ چونڊن ۾ به ووٽرز شخصيتن کي نه پر عمران خان جي نظريي کي ووٽ ڏيندا ۽ عمران خان پاران ميدان ۾ لاٿل اميدوار ڪامياب ٿيندو. هن چيو ته اسان سينيٽ اليڪشن ۾ پئسي جي استعمال ۽ بدعنواني تي ٻڌل حربن جو رستو روڪڻ چاهيون ٿا، ڇاڪاڻ جو جيڪي ماڻهو پئسي جي زور تي سيٽ کٽي ايندا اهي عوام جي مفاد ۾ قانونسازي نٿا ڪري سگهن ۽ انهن جو پنهنجو مفاد هر ويلي قومي مفاد جي آڏو ايندو رهندو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ پئسي جي بنياد تي چونڊن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ وارا ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪندا رهيا جنهن جي ڪري ملڪ اخلاقي ۽ معاشي طور تي اهو مقام حاصل نه ڪري سگهيو جيڪو ان جو حق هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جهڙي طرح پي ڊي ايم پنهنجي اعلان ڪيل ٻين پروگرامن کان پوئتي هٽي رهي آهي اهڙي طرح لانگ مارچ کان به پوئتي هٽڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، هن چيو ته پي ڊي ايم بار بار قلابازيون کائي رهي آهي ۽ ان کي پاڻ کي به ناهي خبر ته هو ڇا ٿي چاهي، هن چيو ته اهي ماڻهو ڌانڌلي ۽ ڌٻاءُ سان من پسند مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا جيڪا هڪ ٻاراڻو ۽ خود غرضاڻو رويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو