109

ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز تيزي سان وڌڻ لڳا، ڪياماڙي ۾ نو آگسٽ تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز تيزي سان وڌڻ سبب ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي جي يوسي 4 ۽ 5 ۾ 9 آگسٽ تائين مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي ڪياماڙي جي يوسي 4 ۽ 5 ۾ اڄ کان 9 آگسٽ تائين مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳوڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ضلعي انتظاميه طرفان مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون آهن، ڪارروائين جي دوران ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪيتريون ئي گاڏيون بند ڪيون ويون آهن. ڪارگو آفيسن سميت 11 دڪانون سيل ڪري 8 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو