179

افغان حڪومت-طالبان ڳالهين جي ناڪامي گهرو ويڙهه ۾ شدت آڻيندي

ايڊيٽوريل

افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ بعد افغانستان جي ڪمزور سرڪار ۽ طاقت وٺندڙ طالبان ۾ ويڙهه ۾ هر ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ شدت اچي رهي آهي، عالمي قوتن جي دٻاءَ کانپوءِ افغان سرڪار ۽ طالبان ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن پر اڃا تائين ڪوششون ڪو مثبت نتيجو نه ڏئي سگهيون آهن، افغان سرڪار ۽ طالبان جي اعليٰ سطحي وفد جون دوحا ۾ 2 ڏينهن ڳالهيون هليون، جيڪي بنا نتيجي جي ختم ٿي ويون آهن، افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ عيد تي به جنگبندي جو اعلان نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سان حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان نظر اچي رهيو آهي، خابرو ادارن موجب افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون جاري رکڻ ۽ ڳالهين جو ٻيو دور هلندڙ هفتي شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف آمريڪا افغانستان جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي مسئلي جو پرامن حل ڳولڻ تي زور ڀريو آهي، آمريڪا پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته طالبان جي ڪنٽرول هيٺ آيل علائقن ۾ عورتن جي حقن جي سنگين ڀڃڪڙي جون شاهديون مليون آهن، ٻئي ڌريون ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن، افغان حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته طالبان جي ڪنٽرول هيٺ آيل 20 ضلعن جو ڪنٽرول ٻيهر حڪومت سنڀالي ورتو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته افغانستان ۾ جاري گهرو ويڙهه ختم ٿيڻ بدران وڌڻ طرف وڃي رهي آهي، افغان حڪومت ۽ طالبان ڀرپور شدت سان هڪٻئي سان مد مقابل آهن، ٻنهي ڌرين ۾ جهڙپون، هڪٻئي جا ماڻهو مارڻ توڙي عام ماڻهن کي نقصان پهچائڻ ۽ شهرن جا شهر دربدر ڪرڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن، عيد تي جنگبنديءَ جو اعلان نه ٿيڻ انساني جي حقن سنگين ڀڃڪڙي آهي، عالمي قوتن کي افغان صورتحال تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ افغانستان ۾ پرامن طور عوام جي وڌيڪ حمايت رکندڙ ڌر کي اقتدار جي منتقلي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. افغانستان ۾ فوري طور جنگبندي ڪرائي عام چونڊن تائين عارضي حڪومت قائم ڪئي وڃي،  ٻي صورت ۾ عوام بک بدحالي سميت شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيندو، افغانستان ۾ ڏينهون ڏينهن تبديل ٿيندڙ صورتحال سڄي خطي جي حالتن ۾ ڦيرو آڻڻ جو سبب بڻجي رهي آهي، پاڪستان ۽ ٻيا پاڙيسري ملڪ انهن حالتن سبب سخت متاثر ٿيندا، پاڪستان ۾ ان جو اثر وڌيڪ پوڻ جا چٽا امڪان آهن، پاڪستان جي سرحد سان لڳو لڳ باب دوستي جي طالبان ويڙهاڪن جو ڪنٽرول سنڀالڻ خطري جي گهنٽي آهي، افغانستان ۾ حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿيڻ ڪري اتان وڏي لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي، هزارين خاندانن پنهنجن شهرن مان دربدري بعد بارڊر ايرياز جو رخ ڪيو آهي. خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پناهگيرن جي وڏي کيپ پاڪستان طرف اچڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان ۾ وڌيڪ پناهگيرن جي اچڻ سان آبادي ۽ وسيلن تي بار پوڻ ۽ حالتون خراب ٿيڻ جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي قومپرست ڌرين وڌيڪ افغان پناهگيرن کي ملڪ اندر ۽ خاص طور تي سنڌ جي حدن ۾ آڻڻ واري امڪان جي شديد نندا ڪئي آهي ۽ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته افغان پناهگيرن جي آمد کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ سخت قدم کنيا وڃن، افغان پناهگيرن کي ڪي پي ۽ بلوچستان جي بارڊر تي روڪي بارڊر ايرياز ۾ ڪئمپن ۾ رهايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو