88

بلاول ڀٽو پاڻي جو مسئلو وفاقي ڪابينا ۾ اٿاري ڇڏيو، سنڌ ڪابينا به سي جي ڪئنال کولڻ تي اعتراض واري ڇڏيا، بند ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد / ڪراچي ( نمائندا) بلاول ڀٽو پاڻي  جو مسئلو وفاقي ڪابينا ۾ اٿاري ڇڏيو آهي، جڏهن ته  سنڌ ڪابينا به سي جي ڪئنال کولڻ تي سخت اعتراض واري ان کي بند ڪرڻ جو مطالبو  ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾اڱاري ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو اٿاريو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب عوام، خاص طور تي آبادگار ڏکيائين جو شڪار آهن، پاڻي جي کوٽ جو سبب ارسا جو صوبن جي جائز حصي ۾ خلل وجهڻ آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت جي بدانتظامي سبب خاص طور هيٺين علائقن ۾ فصلن کي نقصان پهتو.  بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هڪ فوڊ سيڪيورٽي ٽاسڪ فورس ٺاهيو ته جيئن امڪاني غذائي بحران کي منهن ڏئي سگهجي. ٻي پاسي  سنڌ جي وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي ڪابينا سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ تي سخت اعتراض ڪندي چيو ته اهو ڪئنال اهڙي وقت ۾ کوليو ويو آهي جڏهن اڳ ئي سنڌ پاڻي جي کوٽ سبب سخت متاثر ٿيل آهي ان ڪري ارسا سي جي لنڪ ڪئنال کي بند ڪرائي. ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ارسا صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ نا انصافي واري طريقي سان ڪري رهيو آهي 1991 واري معاهدي تي عمل نه ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن پوري ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ته 1991 واري واري معاهدي هيٺ انصاف ڀريي طريقي سان پاڻي جي ورهاست ڪئي وڃي پر بدقسمتي سان پاڻي واري معاهدي تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي، جنهن سبب سنڌ ۾  فصل سڪي رهيا آهن صوبي جي ٻھراڙيءَ وارن  علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي به نه ٿو ملي ۽ ڪراچي سميت ٻين وڏن شهرن تي پڻ ان جو اثر ٿي رهيو آهي، سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت کي صوبي ۾ پاڻي جي اڻاٺ ۽ سي جي  ڪئنال کولڻ تي اعتراضن بابت خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن جي به حصي جو پاڻي نٿا گھرون جنهن صوبي جو جيترو حق آهي ان کي اهو ملڻ گھرجي ته جيئن  ڪا به احساس محرومي پيدا نه ٿئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سي جي ڪئنال غير قانوني طور تي کوليو ويو آهي پاڻي جي کوٽ واري صورتحال ۾ ڪنهن به صورت نٿو کولي سگھجي. ڪئنال کولڻ سنڌ سان ناانصافي آهي. سنڌ پاڻي جو معاملو هر فورم تي اٿاريندي ۽ وفاق کان 1991 واري معاهدي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪنداسين. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو