136

بلڙي شاهه ڪريم جي اجڙيل صحت سينٽر جي سنڀال ڪير لهندو…؟

ليکڪ: علي حسن رند

سنڌ جي عظيم بزرگ اولياءَ حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي نگري هونئن ته انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، پر چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جو صحت مرڪز رورل هيلٿ سينٽر به هتي جي غريب مسڪين عوام کي ڪوبه لاڀ نه ڏئي رهيو آهي، هتي جي عوام چونڊيل نمائندن کي ووٽ ڏئي اقتدار جي تخت تي ته ويهاريو آهي پر هو عوام جي اميدن تي پورو ناهن لهي سگهيا، غريب مسڪين عوام جو صحت وارو مسئلو اهم پر هن رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڪي به معياري سهولتون ناهن. هن جديد دور ۾ به هتي جي غريب مسڪين عوام کي صحت مرڪز بلڙي شاهه ڪريم مان مٿي جي سور جي گوري به نصيب نٿي ٿئي، غريب مسڪين ماڻهو پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ به پريشان هوندا آهن، ڪي اهڙا به هتي غريب آهن جن جي گهرن جون چلهون به نه ٿيون ٻرن، هتي جي عوام مهانگائي ۾ پيڙهجي وئي آهي ۽ مٿان صحت جون به سهولتون کسيون ويون آهن، جنهن ڪري غريب مسڪين ماڻهو ويتر ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن. هاڻي جائزو وٺون ٿا رورل هيلٿ سينٽر بلڙي شاهه ڪريم جي مسئلن جو، هڪ ته بلڙي شاهه ڪريم کي تعلقي جو درجو ملندي 16 سال گذري ويا آهن پر رورل هيلٿ سينٽر کي تعلقي جو درجو ناهي ملي سگهيو. سنڌ سرڪار پاران بلڙي شاهه ڪريم جي عوام کي صحت جي سهولتن لاءِ ڪروڙين رپين جي ماليت سان هڪ وڏي اسپتال ڏني آهي، جنهن کي هتي جي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا نه سنڀالي سگهيا آهن. بلڙي شاهه ڪريم تعلقو 2 لک کان به وڌيڪ آبادي رکي ٿو، تعلقي جي پوري عوام کي هڪ بهترين علاج لاءِ اسپتال ملي آهي، سڀني کي هن اسپتال مان علاج ڪرائڻ جو آسرو آهي، هن اسپتال رورل هيلٿ سينٽر ۾ هڪ ته ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جي تمام گهڻي کوٽ آهي، هن صحت مرڪز ۾ ايم ايس مقرر ناهي ٿيل، صرف هڪ ميل ۽ هڪ في ميل ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهن، باقي ٻيو جيڪو اسٽاف آهي ان ۾ هڪ ايل ايڇ وي مقرر آهي ۽ ڪجهه وري مڊ وائف مقرر ٿيل آهن، باقي ته ننڍو اسٽاف مقرر ٿيل آهي، جيڪي پنهنجي وس آهر علاج لاءِ ايندڙ غريب مريضن کي فائدو ڏيارين ٿا، اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ عملي جي تمام گهڻي ضرورت آهي. اسپتال ۾ ليبارٽري نالي ماتر آهي، ڊينٽل ڊاڪٽر ناهي، ڪاري سائي جو ڊاڪٽر ناهي، شام واري شفٽ ۽ رات واري شفٽ ۾ ته مڪمل ڊاڪٽر ناهن مقرر ٿيل ۽ اسپتال ۾ الٽرا سائونڊ به ناهي، ان کان علاوه اسپتال کي صرف هڪ ايمبولينس مليل آهي، جيڪا پڻ ناڪارا آهي. اسپتال جي صفائي لاءِ سوئيپر به ناهي، اسپتال گندگي جي ور چڙهيل آهي، اسپتال ۾ دوائن جي ته مسلسل کوٽ آهي، نه سرنج آهي نه وري ڪي ٻيون دوائون موجود آهن، ان کانسواءِ بجلي ۽ پاڻي جي به سهولت اڻلڀ آهي، غريب مسڪين عوام کي هن اسپتال مان ذري جو به لاڀ نه ملي رهيو آهي. هن اسپتال ۾ غريب عورتن جي ڊليوري وارو سسٽم به نالي ماتر آهي، هي اسپتال ڪجهه سال پهرين هڪ پرائيويٽ اداري آءِ ايڇ ايس کي ڏني وئي هئي پر ان کان به هي اسپتال نه هلي سگهي، نيٺ آءِ ايڇ ايس ادارو به ڪجهه ڏينهن پهرين هٿ ڪڍي ويو ۽ ان جو مقرر ڪيل سمورو اسٽاف به هليو ويو آهي، هاڻي هي اسپتال مڪمل لاوارث آهي، ڪير به مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڊي ايڇ او ٽنڊومحمدخان پڻ لاتعلق بڻيل آهي، چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي جو ڪليڪٽر به ننڊ ۾ ستل آهي، غريب مسڪين بيمار مريضن جو ڪنهن کي به احساس ناهي، ايڏي وڏي آبادي رکندڙ هن تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي اسپتال کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي. هن وقت غريب مسڪين مريضن کي مٿي جي سور جي گوري به ملڻ مشڪل ٿي وئي آهي، عوام ويچاري سخت پريشان آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ايڏي وڏي آبادي رکندڙ هن تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي بي پهچ عوام کي صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ۽ رورل هيلٿ سينٽر بلڙي شاهه ڪريم جي پرگهور لهي ڪري رورل هيلٿ سينٽر کي تعلقه اسپتال جو درجو ڏياري بهتر سهولتون ڏياريون وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو