188

تحريڪ انصاف چونڊن ۾ تشدد ۽ ڌانڌلي جو سهارو ورتو، آزاد جمون ڪشمير ۾ پ پ 11 سيٽن سان اپوزيشن جي سڀني کان وڏي پارٽي جي طور تي سامهون آئي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف مٿان تشدد ۽ ڌانڌلي جو سهارو وٺڻ جو الزام هنيو آهي، ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير چونڊن ۾ تحريڪ انصاف مٿان تشدد ۽ ڌانڌلي جو الزام هنيو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ تشدد ۽ ڌانڌلي جو سهارو ورتو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن چونڊ قائدن جي ڀڃڪڙين تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي خلاف ڪارروائي ۾ ناڪام رهيو، پ پ چيئرمين چيو ته ڌانڌلي جي باوجود اڳ کان 3 سيٽون وڌيڪ کڻي آزاد جمون ڪشمير ۾ پ پ 11 سيٽن سان اپوزيشن جي سڀني کان وڏي پارٽي جي طور تي سامهون آئي. مون کي بهترين جدوجهد ڪندڙ پيپلز پارٽي آزاد جمون ۽ ڪشمير تي فخر آهي، واضح رهي ته آزاد جمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سادي اڪثريت حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ هو آساني سان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو