173

جرمني پاران پنجاب ۾ گند ڪچري جي ري سائيڪلنگ جا منصوبا شروع ڪرڻ جي آڇ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جرمن ڪمپني پنجاب ۾ گند ڪچري جي ري سائيڪلنگ جا منصوبا شروع ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. جرمن ڪمپني انوويٽو ٽيڪنو پلس پنجاب جي مختلف شهرن ۾ گند ڪچري جي ري سائيڪلنگ جا وڏا منصوبا شروع ڪرڻ جي حوالي سان دلچسپي ڏيکاري آهي. ڪمپني جي سي اِي او ڪارسٽن وينسڪ ان حوالي سان چيو ته اسان جي ڪمپني گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ ۽ ان جي ري سائيڪلنگ ۾ خاص مهارت رکي ٿي. هن چيو ته اسان لاهور سوڌو صوبي جي ٻين وڏن شهرن ۾ منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪچري جي ري سائيڪلنگ جي منصوبن سان روزگار جا وسيع موقعا پڻ پيدا ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو