182

حڪومت طرفان ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۽ غلط معلومات روڪڻ لاءِ فيس بڪ سان شراڪتداري

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) حڪومت ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ فيس بڪ سان شراڪتداري ڪئي آهي. قومي صحت واري وزارت جي انفارميشن ڊجيٽل ميڊيا ونگ جي فيس بڪ سان شراڪتداري ذريعي سوشل ميڊيا پيغام پهچائڻ واري مهم دوران ڪورونا وبا کان بچاءَ ۽ ويڪسين متعلق 3 ڪروڙ 20 لک پاڪستانين کي تصديق ٿيل معلومات فراهم ڪئي وئي. فيس بڪ ان مهم لاءِ شراڪتدار تعاون ۽ ايڊ ڪريڊٽس فراهم ڪيا. جنهن سان 16 مارچ کان 06 اپريل دوران انهن پوسٽس ذريعي عوامي شموليت جي شرح ۾ اضافو ٿيو.. ان مهم جي حصي طور فيس بڪ ۽ وزارتن قوم ۾ ويڪسين متعلق اعتماد کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويڊيوز ۽ پيغامن تي ڌيان ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو