124

ساره خان معصوم ۽ ڪم بابت سنجيده هوندي آهي: عائزه خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽي وي ڊرامن جي مشهور اداڪاره عائزه خان جو پنهنجي ساٿي اداڪاره ساره خان بابت چوڻ آهي ته ساره خان معصوم ۽ ڪم بابت سنجيده اداڪاره آهي، هڪ وڊيو ڪلپ ۾ عائزه خان نئين ڊرامي بابت ٻڌائي رهي آهي، جنهن ۾ ساره خان به ساڻس گڏ ڪم ڪندي نظر ايندي، عائزه خان جو چوڻ هو ته نئين ڊرامي ۾ ساره فلڪ جو رول نڀائي رهي آهي، ساره خان ۾ جيڪي به خوبيون آهن، اهي ان رول جي ضرورت پڻ هيون، هن چيو ته اسان ٻنهي کي ڊرامن ۾ گڏ ڏسي مداح ضرور انجواءِ ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو