216

سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ٽن ڏينهن ۾ 48 ملڪيتون سيل، ڏنڊ لاڳو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ اختيارين ڪورونا وائرس جي حوالي سان جوڙيل ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن ۽ ملڪيتن خلاف سخت ڪاروائي شروع ڪئي آهي. سعودي عرب جي الجوف گورنري ۽ ان جي آس پاس پوليس ٽن ڏينهن ۾ ڪورونا ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 48 ملڪيتن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي فورسز ۽ صحت کاتي جي گڏيل ٽيمن جي فيلڊ گشت دوران ڪيترن ئي دڪانن، ڪيفي ۽ هوٽلن کي ڪورونا جي حوالي سان جوڙيل ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سيل ڪيو ويو ۽ انهن جي مالڪن تي ڏنڊ وڌا ويا. الجوف گورنري جي ترجمان عمر الحمون ٻڌايو ته 3 ڏينهن ۾ طبي ۽ سيڪيورٽي ٽيمن 339 مانيٽرنگ دورا ڪيا. ان دوران 83 ماڻهن کي ڪورونا اصولن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ، ماسڪ نه پائڻ، گراهڪن جو ٽيمپريچر چيڪ نه ڪرڻ ۽ توڪلنا ايپ استعمال نه ڪرڻ تي ڳرا ڏنڊ وڌا ويا. ترجمان جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائيندي ۽ ڪنهن سان ڪا نرمي ۽ رعايت نه ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو