301

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻين کي ماروي گرلز هاسٽل خالي ڪرڻ جو حڪم، شاگردياڻين جو احتجاج

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي ماروي گرلز هاسٽل ۾ 13 شاگردياڻين کي ڪورونا ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ انتظاميا هاسٽل مان شاگردياڻين کي ڪمرا خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڪورونا ٽيسٽ جون رپورٽون نه ملڻ ۽ اوچتو هاسٽل خالي ڪرڻ واري انتظامي حڪم خلاف شاگردياڻين احتجاج ڪيو آهي. شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته  سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاڻ ايس او پيز جو خيال نه پئي ڪري جنهن ڪري ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ آئي آهي. ماروي گرلز هاسٽل ۾ رهندڙ هڪ شاگردياڻي وڊيو بيان جاري ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ جو ذميوار انتظاميا کي قرار ڏيندي گرلز هاسٽل اندر صفائي نه هجڻ جون شڪايتون ڪيون آهن. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ شاگردياڻي جو چوڻ آهي ته ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ ڏيڻ کانسواءِ هاسٽل خالي ڪرڻ جو چيو ويو آهي، رپورٽ نه هوندي ته ڪٿي رهائش ملي سگهندي، ان کانسواءِ ماروي هاسٽل جي شاگردياڻين کي خانگي هاسٽلز ۾ رهڻ جي اجازت ناهي، اوچتو هاسٽل خالي ڪرڻ واري انتظامي حڪم تي پريشان آهيون. شاگردياڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته هتان جو اسٽاف ايس او پيز کي فالو نه پيو ڪري، صفائي جو نظام ناهي،  هاسٽل جي ڪمرن جي اسان شروع ۾ پاڻ صفائي ڪئي، باٿ روم گندي پاڻي سان ڀريل آهن. هن مطالبو ڪيو ته پاڪستان جي مستقبل جي تذليل بند ڪئي وڃي ۽ هاسٽل خالي ڪرڻ وارو فيصلو  واپس ورتو وڃي. ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين اها به شڪايت ڪئي آهي ته هاسٽل پرووسٽ وحيده بانو جو شاگردياڻين سان رويو درست ناهي، هوءَ  مختلف طريقن سان شاگردياڻين کي تنگ پئي ڪري،کيس هٽائي ٻي هاسٽل پرووسٽ مقرر ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو