113

سنڌ ڪابينا کي وفاق طرفان سنڌ جون توانائي واريون رٿائون ختم ڪرڻ تي اعتراض، معاملو گڏيل پارليامينٽ ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا، الٽرنيٽو اينڊ رينيو ايبل پاليسي 2019 ۾ وفاقي ڪابينا جي هڪ طرفي ترميم ڪرڻ جي فيصلي تي سخت اعتراض ڪري ڇڏيا آهن. گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان پاليسي منظور ٿيڻ باوجود سنڌ حڪومت جي متبادل توانائي وارن ڪيترن ئي سستن منصوبن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ مهانگي پن بجلي جا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن.  جنهن تي سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو ته معاملو گڏيل پارليامينٽ ڏانهن موڪليو وڃي. وفاقي ڪابينا يا توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي سي سي آءِ مان منظور  ٿيل ڪيل ڪنهن به پاليسيءَ ۾ ترميم ڪرڻ جي مجاز نه آهي تنهن ڪري اسان ان معاملي کي بحث لاءِ گڏيل پارليامينٽ ڏانهن موڪلينداسين جهڙوڪه اسان ا ڳ ۾ ئي آدمشماري واري مسئلي کي موڪلي ڏنو آهي. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي شيرين ناريجو ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اي آر اي پاليسي 2019 ۾ هائيڊل پاور جي هڪ طرفي شموليت سڄي پاليسي فريم ورڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندي جيڪا گهٽ قيمت ۽ هڪ جهڙي ٽينڊرن جي اصولن تي ٻڌل هئي. تنهن ڪري هائيڊرو پروجيڪٽس لاءِ الڳ پاليسيون ۽ هدف متعارف ڪرايا وڃن.  هن وڌيڪ چيو ته هائيڊرو اي آر اي 2019 واري پاليسي جو حصو نه هو. اي آر اي پاليسي 2019 جو دائرو بائيو گيس، بايوماس ، ڪچري مان توانائي، جيوٿرمل، ھائيڊروجن، مصنوعي گئس، سامونڊي توانائي، شمسي، اسٽوريج ٽيڪنالاجيز تيٻڌ آھي. ھن وضاحت ڪئي ته ھي سڀ ونڊ ۽ ھائبرڊ ٽيڪنالاجيون آھن. اجلاس ۾ ڪابينا مڪمل غور ويچار کان پوءِ فيصلو ڪيو ته اھو معاملو گڏيل پارليامينٽ ڏانھن موڪليو وڃي جيئن آدمشماري جي منظوري جو معاملو موڪليو ويو آھي.  زراعت بابت وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ ڪابينا کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت خريف 2021 ۾ آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته سارين ۽ ڪپهه لاءِ ڀاڻ لاءِ 1500 روپيا  في ايڪڙ جي حساب ڏنا ويندا. ان سبسڊي ۾ وفاقي حڪومت جو حصو 75 سيڪڙو يعني 2.7 ارب روپيا ۽ صوبائي حڪومت جو حصو 25 سيڪڙو يعني 902 ملين روپيا آهي. ساڳي ريت ڪپهه ۽ سارين جي ٻج تي 1200 روپيا في ايڪڙ ۽ اچي مک کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 1200 روپيا في ايڪڙ ڏنا ويندا. منظور وساڻ چيو ته بورڊ آف روينيو آبادگارن جي ڊيٽا گڏ ڪئي آهي ۽ آبادگارن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾  1 کان 16 ايڪڙ ۽ 16 کان 50 ايڪڙ زمين رکندڙ آبادگار شامل آهن. هن چيو ته سنڌ بئنڪ هڪ اي- ڪارڊ ٺاهيو آهي ۽ سبسڊي لاءِ مقرر ڪيل شاخن جي لسٽ تيار ڪئي آهي. هن تجويز ڏني ته اي -ڪارڊ جو نالو ”پيپلز هاري ڪارڊ“ رکيو وڃي جنهن کي ڪابينا منظور ڪري ورتو. خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ڪابينا کي ٻڌايو ته نوشهروفيروز ۽ ڪشمور جي گودامن ۾ 33917.41 ٽن ڪڻڪ موجود آهي جتي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کاتي جي منظوري بنا ايتري ڪڻڪ گڏ ڪئي هئي، جنهن ڪري نيب گودامن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اتان ڪڻڪ ڪڍڻ نه پئي ڏني وڃي. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته جيڪڏهن ڪڻڪ نه ڪڍي وئي ته اها خراب ٿي ويندي. ڪابينا، خوراڪ واري وزير کي ان معاملي تي نيب سان ڳالهائڻ ۽ ڪڻڪ کي جاري ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو. مڪاني ادارن واري کاتي جي درخواست تي ڪابينا ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) کي بجلي جي بلن ذريعي ڪنزروينسي ۽ فائر ٽيڪس وٺڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ سان ايم او يو تي صحيحون ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي مرتضيٰ وهاب ڪابينا کي تجويز ڪيل ٽيڪس جي اوڳاڙي بابت آگاهه ڪندي چيو ته ان جي شرح گهٽ ڪئي ويندي ته جيئن شهرين تي بار  گهٽ پوي. هن وڌيڪ چيو ته سندس مقصد آهي ته ڪي ايم سي کي مالي طور تي مضبوط ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو