254

عدليا جي آزادي کي ايگزيڪيوٽو جي هٿ ۾ ڏنو ويو، عمران خان جي حڪومت جي ڪيترن ئي عهديدارن جون پرڏيهه ۾ ملڪيتون آهن: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدارتي ريفرنس جي فيصلي تي اضافي نظرثاني لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري عهديدارن منهنجي ۽ گهرڀاتين خلاف پروپيگينڊه مهم هلائي، ايف بي آر جي رپورٽ نه مون کي ۽ نه ئي منهنجي گهر واري کي ڏني وئي. ايف بي آر رپورٽ به ريفرنس جيان پروپيگينڊه لاءِ ميڊيا ڏانهن ليڪ ڪئي وئي، ايف بي آر جي رپورٽ ۾ مان ۽ گهر واري متاثر ٿي سگهون ٿا. هن چيو ته 19جون 2020ع واري فيصلي جي پيراگراف 2 کان 11 تي نظرثاني ڪري واپس ورتي وڃي، جون جي فيصلي سان عدليا جي آزادي کي ايگزيڪيوٽو جي هٿ ۾ ڏنو ويو ۽ عدليا جي آزادي ايگزيڪيوٽو جي هٿ ۾ ڏيڻ آئين خلاف آهي. هن پنهنجي درخواست ۾ وڌيڪ چيو ته فيض آباد ڌرڻو ڪيس کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ درخواستن ۾ عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جو نجي طور ريفرنس ٻڌائڻ جو مقصد استعيفيٰ وٺڻ هو. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت جي ڪيترن ئي عهديدارن جون پرڏيهه ۾ ملڪيتون آهن، ڄاڻ ناهي ته انهن ملڪيتن کي پاڪستان ۾ پنهنجي ٽيڪس ريٽرنز ۾ ظاهر ڪيو آهي يا نه، ان عهديدارن ۾ سيد ذوالفقار عباس بخاري، شهزاد اڪبر، يار محمد رند، نديم بابر، عاصل سليم باجوا، شهباز گل، عثمان ڊار ۽ فيصل واوڊا شامل آهن. درخواست ۾ قاضي فائز عيسيٰ مطالبو ڪيو آهي ته جسٽس يحييٰ آفريدي جي فيصلي جي روشني ۾ منهنجي درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو وڃي، جسٽس مقبول باقر، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس يحييٰ آفريدي کي به بئنچ جو حصو بڻايو وڃي ۽ درخواست تي ٻڌڻي ٽي وي تي لائيو هلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو