103

قومي اسيمبلي اجلاس، آچر جي موڪل ختم ڪري جمع واري موڪل بحال ڪرڻ جي مطالبو

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي اجلاس، آچر جي موڪل ختم ڪري جمع واري موڪل بحال ڪرڻ جي گهر، مولانا اڪبر چترالي قومي اسيمبلي ۾ آچر جي موڪل ختم ڪري جمعي جي موڪل بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي جماعت اسلامي جي ايم اين اي مولانا اڪبر چترالي چيو ته هتي چهرا تبديل ٿي ويا آهن پر نظام اهو ئي آهي، وزير تبديل ٿي چڪا آهن پر نظام اهو ئي آهي، اسان کي آمريڪا جي غلامي بدران خدا جي غلامي اختيار ڪرڻ گهرجي، هن ملڪ مان سودي نظام جو خاتمو آندو وڃي، اسان جو مطالبو آهي ته ملڪ ۾ آچر جي موڪل ختم ڪري جمعي جي موڪل بحال ڪئي وڃي، مسجدن جي بجلي بجلن ۽ چارجز جو خاتمو ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو