205

پهرين جنگ عظيم ڇو لڳي هئي.؟؟

ليکڪ: طفيل مگسي

پهرين جنگ عظيم کي ڪيترن نالن سان سڃاتو وڃي ٿو.مثلا دنيا جي عظيم جنگ.گوبل جنگ يا اها جنگ جيڪا سمورين جنگين کي ختم ڪري ڇڏيندي.ليڪن جنگ عظيم ٻي کانپوءِ هن کي صرف پهرين جنگ عظيم جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.پهرين جنگ عظيم جيڪا 28جولاءِ 1914ع ۾ شروع ٿي ۽ 11نومبر 1918ع ۾ ختم ٿي. هن جنگ ۾ 17 ملين ماڻھو مارجي ويا.جنهن ۾ 11 ملين فوجي ۽ 6 ملين عام ماڻھو شامل هئا.20ملين ماڻھو زخمي ٿيا ۽ اها تاريخ جي نهايت سفاڪ ۽ انسانيت دشمن جنگ هئي.پهرين جنگ عظيم جيڪا مختلف ملڪن ۽ قوتن جي وچ ۾ وڙھي وئي.جنهن ۾َ ذڪر لائق ٻھ قوتون هيون.پهريون اتحادي قو تون ۽ ٻيون مرڪزي قوتون.اتحادي قوتن ۾ برطانيا.آمريڪا.فرانس ۽ جاپان جڏھن ته مرڪزي قوتون آسٽريا.هنگري.سلطنت عثمانيا ۽ جرمني هيون.پهرين جنگ عظيم .جنهن جي پٺيان تمام گهڻا ڪارڻ ھئا.جن منجهان چار بنيادي سبب عسڪريت پسندي، اتحاد جو نظام، شھنشاھيت ۽ قومپرستي هئا. عسڪريت پسندي: هر ملڪ پاڻ کي طاقتور بنائڻ ۾ مصروف هو.هرملڪ جي اها سوچ هئي ته فوجي طاقت وڌائڻ سان ٻيا ملڪ اسان جي داٻي ۾ اچي ويندا.پوءِ انهن جي وسيلن تي سولائي سان قبضو ڪري سگهنداسين.انهن سڀني ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ٻه ئي هئا.برطانيا ۽ جرمني ۽ انهن جي طاقت جو بنيادي سبب انهن جي جديد هٿيار ٺاھڻ واريون فيڪٽريون هيون،جن ۾َان وقت جي مطابق جديد ترين ٽيڪنالاجي ٺاهي ويندي هئي.جيئن ته پهريون ڀيرو جهازن ۽ ٽينڪن جو استعمال ٿيو.جديد قسم جي جون سامونڊي آبدوزون ٺاھيون ويون يعني جنگ سمنڊ ۽ زمين ٻنهي تي وڙھي وئي. معاهدا: مختلف ملڪن جي وچ ۾ ڳجها معاهدا ٿيا ۽ اهي معاهدا ايترا ڳجها هئا جو انهن جي پاڙيسري ملڪن کي به پروڙ نه پئي.۽ معاهدن جو بنيادي مقصد پنهنجي حفاظت ڪرڻ ۽ پاڻ کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ ھو.انهن ۾ سڀني کان اهم معاهدا ٻه ئي هئا.جيڪي جرمني.اٽلي ۽ آسٽريا جي وچ ۾ 1882ع ۾ ٿيا ليڪن جنگ جي ڪجهھ مهينن کانپوءِ اٽلي،فرانس ۽ برطانيا به ان ۾ شامل ٿيا، ٻيو معاهدو black powder  آھي جيڪو 1907ع ۾ برطانيا، روس ۽ فرانس جي وچ ۾ ٿيو ليڪن اهو اڳ ۾ برطانيا ۽ فرانس جي وچ ۾ 1904ع ۾ ٿيو هو،جيڪو  ٽريل انتنت ڪورڊايل جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، بعد ۾ روس جي شموليت جي ڪري ٽريل انتنت سڏجڻ لڳو.سامراجيت: ان وقت سڀ کان وڏو سامراج برطانيا هو،جيڪو دنيا جي 28 کان وڌيڪ وسيلن تي قابض ھو ۽ پنهنجين ڪالونين کي وڌيڪ ڪشادگي ڏيڻ ۾ مصروف هو (ڪالونين جي ڪشادگي منجهان مراد ٻين ملڪن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي افرادي قوت کي غلام بڻائي جنگين، زمينن ۽ فيڪٽرين وغيره ۾ استعمال ڪرڻ) آفريقا اڃا مڪمل دريافت نه ٿيو هو،ان ڪري روس ،فرانس، جرمني ۽ برطانيا سميت هر ملڪ جي ڪوشش ھئي ته پنهنجي طاقت وڌائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ وسيلن تي قبضو ڪري سگهجي،جنهن ۾ سمورا ملڪ هڪ ٻئي جا دشمن بڻيل هئا. قومپرستي: برطانوي سامراج جي سڀ کان بهترين چال ورهايو ۽ حڪومت ڪريو کي استعمال ڪندي مختلف ملڪ جيڪي خلافت عثمانيا ۽ آسٽريا هنگري جي اثر ھيٺ ھئا،انهن ۾ ان سوچ کي سگهھ ڏني ته اسان هڪ الڳ قوم آھيون ۽ قومپرستي جي بنياد تي پنهنجو پاڻ کي خودمختيار بنائڻ چاهيون ٿا، ان قسم جي تحريڪ اولهھ ۾ ڪاميابي سان هلي رهي هئي،جنهن جي ڪري  قومپرستي جي بنياد تي آزادي جي تحريڪ شروع ٿي.ان جو بنيادي مقصد انهن ملڪن جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ ھو،ڇوته  بوسينا جيڪو ان وقت آسٽريا هنگري جو حصو هو ۾ به آزادي جون تحريڪون شروع هيون ۽ سربيا ان کي هر ممڪن مدد ڪري ڪري رهيو ۽ سربيا جي پٺيان روس هو ۽ روس جي پٺيان برطانيا ۽ جرمني هئا اهوئي سبب هو ته آسٽريا  ۽ هنگري نه صرف سربيا تي الزام هنيا بلڪ هن کي هٿيار وجهڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ان کانسواءِ ھڪ ٻيو نهايت وڏو سبب پڻ ھو.جيڪو جنگ عظيم ٿيڻ جو ڪارڻ بڻيو.Black powder يورپ جي ٻيٽ جهڙو بلقان جيڪو سمنڊ اسود،ايجبن ۽ ايڊريانگ سان وڪوڙيل هو يعني اهي ملڪ جيڪي سامونڊي ڪناري جي ڀرسان هئڻ جي سبب انهن جي حيثيت وڌي وڃي ٿي، مطلب ته بندرگاهن جي سبب کان واپار ۽ نفعو ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. (هلندڙ)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو