149

پهرين فيبروري تي سمورا تعليمي ادارا کوليا ويندا، ٻارڙن کي امتحان کانسواءِ پروموٽ نه ڪبو: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پهرين فيبروري تي سمورا تعليمي ادارا کوليا ويندا، جڏهن ته ٻارڙن کي امتحان کانسواءِ پروموٽ نه ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ سعيد غني جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري سيڪريٽري، سيڪريٽري ڪاليجز، سمورن خانگي اسڪولز جي ايسوسيئيشنز جي عهديدارن، تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن، بورڊ ۽ يونيورسٽيز جي چيئرمينز ۽ سيڪريٽريز سوڌو ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پهرين فيبروري تي پرائمري، مڊل ۽ سيڪينڊري ڪلاسز کولڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته امتحانن جي شيڊول ۽ سليبس جي حوالي سان صلاح مشورا به ڪيا ويا. ان موقعي تي سعيد غني جو چوڻ هو ته اسان ڪورس کي وڌيڪ گهٽائي نٿا سگهون پر امتحان کي ري شيڊول ڇونه ڪرڻو پوي، نئين تعليمي سال جي حوالي سان به حالتن کي ڏسي پلان ڪرڻو پوندو، ڪووڊ سبب اسان جو تعليمي شيڊول سخت متاثر ٿيو ۽ اسان کي ٻيهر شيڊول مطابق اچڻ ۾ وقت لڳندو، اسان کي حالتن کي نظر ۾ رکي غير معمولي فيصلا ڪرڻا پوندا. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته هن ڀيري ٻارڙن کي امتحان کانسواءِ پروموٽ نه ڪيو ويندو، امتحان هر صورت ۾ ٿيندا، ڀلي اڳيان ئي ڇو نه کڻي هلڻا پون، پهرين فيبروري تي سمورا تعليمي ادارا کوليا ويندا، جنهن کانپوءِ ڪووڊ ٽيسٽ وارو سلسلو ٻيهر شروع ڪنداسين. هن چيو ته ڪورس کي وڌيڪ گهٽائي نٿا سگهون، ڪميٽي ميمبر متفق آهن ته امتحان جلدبازي ۾ نه ٿيڻ گهرجن، اهو پهريان ئي طئي ٿيل آهي ته هر درجي ۾ 50 سيڪڙو ٻار ايندا، جڏهن سمورا تعليمي ادارا کوليا ويندا ته سمورا سرڪاري ۽ خانگي ادارا ان ڳالهه جا پابند هوندا ته هو سمورن ٻارڙن کي سڏائڻ بدران ٻن گروپس ۾ ٻارڙن کي گهرائيندا، جنهن ۾ هڪ ڏينهن هڪ گروپ ۽ ٻئي ڏينهن ٻيو گروپ ايندو، مطلب ته ٻار هفتي ۾ 3 ڏينهن اسڪول ۽ 3 ڏينهن گهر هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو