178

ڊينمارڪ ۾ کنگهڻ واري ڪيس جو فيصلو ايندڙ هفتي جاري ٿيڻ جو امڪان

ڪوپن هيگن (ويب ڊيسڪ) ڊينمارڪ جي سپريم ڪورٽ کنگهڻ متعلق هڪ اهم ڪيس بابت اپيل تي ٻڌڻي ڪندي، اها اپيل هڪ نوجوان طرفان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن کي هاءِ ڪورٽ سزا ٻڌائي آهي. نوجوان چاهي ٿو ته کيس بري ڪيو وڃي. جڏهن ته پراسيڪيوٽرز پنهنجو پورو زور ان ڳالهه تي لڳائي رهيا آهن ته ڪنهن ماڻهو سامهون وات کولي کنگهڻ ۽ کيس ڊيڄارڻ لاءِ ڪورونا جو نعرو هڻندڙ اهو جوابدار گهٽ ۾ گهٽ 3 کان پنج مهينا جيل جي هوا کائي ته کيس نصيحت ۽ ٻين کي عبرت حاصل ٿئي. گذريل سال جون ۾ 20 ورهين جي نوجوان پوليس جي معمول جي ٽريفڪ چيڪنگ دوران زور سان کنگهي چيو ”ڪورونا“، پوليس سندس ٽيسٽ ڪرائي جيڪا نيگيٽو نڪتي، جنهن تي پوليس سندس خلاف ڊيڄارڻ جي غير ذميداراڻي طرز عمل جا قلم لڳائي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو. ڊينمارڪ ۾ اڪثر ماڻهن جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، جتي ايندڙ هفتي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻ واري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو