129

ڪراچي ۾ جوابدارن جو گهر تي حملو، نوجوان قتل، سندس زال اغوا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورنگي ۾ 3 هٿياربندن هڪ گهر تي حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس زال کي اغوا ڪري ويا آهن. پوليس مطابق ڪورنگي جي ضياءَ ڪالوني ۾ بنگالي پاڙي جي هڪ گهر تي ٽن هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص عبدالستار مارجي ويو، جڏهن ته سندس ڀيڻ ۽ امڙ زخمي ٿي پيون. پوليس مطابق جوابدار عبدالستار کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس گهر واري کي رڪشا ۾ ويهاري اغوا ڪري کڻي ويا. ٽئي جوابدار مقتول جي گهر واري جا مائٽ هئا. پوليس ٻڌايو ته مقتول ۽ مغوي عورت 3 سال اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو ۽ لڪي ڪورنگي ۾ رهندڙ هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو