220

ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ ايندڙ سال 35 بلين ڊالر امداد جي ضرورت هوندي: گڏيل قومون

جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي بحران ۽ ڏڪار جي وڌندڙ خدشي سبب متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ ايندڙ سال 35 بلين ڊالر امداد جي ضرورت هوندي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي اداري جائزه عالمي انساني همدردي جي لڳايل اندازي مطابق ايندڙ سال هنگامي امداد جي مد ۾ سڄي دنيا ۾ 23 ڪروڙ 50 لک ماڻهن جي مدد لاءِ 35 بلين ڊالر گهربل هوندا جيڪي 2020ع جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گڏيل قومن جي ايمرجنسي ريليف ڪوآرڊينيٽر مارڪ لوڪوڪ چيو ته عالمي سطح تي ڪورونا وائرس سبب لکين ماڻهن کي معاشي بحران ۽ ڏڪار جو خطرو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو