185

ڪوچنگ مصباح الحق جي وس جي ڳالهه ناهي: اڳوڻو پي سي بي چيئرمين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جو چوڻ آهي ته مصباح الحق تمام سٺو رانديگر آهي ۽ هن ٽيم جي اڳواڻي به سٺي نموني ڪئي آهي پر ڪوچنگ سندس وس جي ڳالهه ناهي. هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته بورڊ جو اصل ڪم مئنيجمينٽ ڪرڻ آهي ۽ جيڪڏهن مئنيجمينٽ سٺي هوندي ته ان جا اثر ٽيم جي ڪارڪردگي تي به پوندا، پر هتي ڏٺو ويو آهي ته مئنيجمينٽ سٺي نه پئي ٿئي، جنهنڪري صحيح فيصلا نه پيا ٿين. هن چيو ته مصباح الحق کي جڏهن 2 عهدا ڏنا ويا ته مون شروع ۾ ئي مخالفت ڪئي هئي، مصباح الحق تمام سٺو رانديگر آهي ۽ هن ٽيم جي اڳواڻي به سٺي نموني ڪئي آهي پر ڪوچنگ سندس وس جي ڳالهه ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو