21

چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام، جي يو آءِ ڪارڪنن جا احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌانڌلي جي الزام تحت جي يو آءِ جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، حيدرآباد ۾ باءِ پاس تي مولانا تاج محمد ناهيون جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو،  مورو ۾ قومي شاهراهه تي عبدالرشيد بروهي، عبدالمالڪ ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شڪارپور ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالباري شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪندن چورنگي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ڪنڌڪوٽ ۾ شمس الدين ڀيري ۽ خان محمد ملڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سکر ۾ سعود افضل هاليجوي، صالح انڍڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو. خيرپور ۾ رمضان ڦلپوٽو، ثناءُ الله جمالي، ميرپورخاص ۾ حفيظ الرحمان، رفيق احمد سومرو، ملير ۾ مولانا احسان الله ٽڪروي، اجمل شاهه شيرازي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا. ان کانسواءِ صفوران ٽائون، دادو، نصيرآباد، لاڙڪاڻو، سڪرنڊ، ٽنڊوآدم،  جيڪب آباد، غوثپور، بدين، کپرو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي نعريبازي ڪئي وئي، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هن چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، اسان جي اميدوارن کي هٿ وٺي هارايو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو