147

ڀارت ۾ ڇوڪريءَ جي پيٽ مان 2 ڪلو وارن جو ڳڇو ڪڍيو ويو

لکنئو (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڇوڪريءَ جي پيٽ مان ڊاڪٽرن ڪامياب آپريشن کانپوءِ 2 ڪلو وارن جو ڳڇو ڪڍي ورتو آهي، رپورٽ مطابق ڀارتي شهر لکنئو جي 17 سالا ڇوڪريءَ کي گهروارا ڪمزور ٿيڻ ۽ مسلسل پيٽ م تڪليف سبب اسپتال کڻائي پهتا، جتي ڊاڪٽرن سندس الٽرا سائونڊ ڪيو، الٽرا سائونڊ ۾ ڊاڪٽرن کي ڇوڪريءَ جي پيٽ ۾ هڪ ڳنڍ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن بعد فوري آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو، هڪ ڪلاڪ جي آپريشن کانپوءِ ڊاڪٽرن ڇوڪريءَ جي پيٽ مان 2 ڪلو وزني وارن جو ڳڇو  ڪڍي ورتو، ڊاڪٽرن مطابق ڇوڪري ”ٽرائڪو بيزور“ بيماري ۾ مبتلا هئي، بيماري ۾ مريض پنهنجا وار پٽي کائيندو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو