سرحد (ويب ڊيسڪ) سرحد ۾ چاچي گوليون هڻي نوجوان ڀائٽي کي قتل ڪري ڇڏيو، علائقي ۾ ھراس، پوليس ڪجهه نه ڪري سگهي، خبرموجب سرحد شهر جي اسٽيشن روڊ واري علائقي ۾ مبينا طور چاچي مهراب لکڻ فائرنگ ڪري پنهنجي نوجوان ڀائٽي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي آسيه لکڻ ولد عبدالمجيد لکڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار باآساني فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، مقتولا ناري آسيه لکڻ جو لاش 2 ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيو. جنهن بعد سندس وارثن ۽ سرحد پوليس لاش کڻائي گهوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪو ڪارڻ وغيره پڻ معلوم نه ٿي سگهيو آھي. مقتولا ناري آسيه لکڻ اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي پڻ هئي جنهن المناڪ قتل تي اسڪول ۾ پڻ سوڳ ڇائنجي ويو، ساٿي شاگردياڻين جو وڏو انگ پڻ مقتولا آسيا لکڻ جي گهر پهچي ويو. هوڏانهن قتل واري واقعي بعد مبينا قاتل مهراب لکڻ باآساني فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، سرحد پوليس نه ئي قاتل پڪڙي سگهي نه ڪئي ڪا ڪاروائي پڻ ڪري سگهي، خبر فائيل ڪرڻ تائين واقعي جو ڪو ڪيس وغيره پڻ داخل نه ڪيو ويو، ناري جي قتل سبب علائقي ۾ هراس ڇانيل هو.
121