234

جھول ڀرسان چلھه مان چڻنگ نڪرڻ سان 9 پورهيتن جا گهر سڙي رک، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

جھول (ن سوڀ) جھول ٿاڻي جي حد گڙنگ بنگلو لڳ چلھه مان چڻنگ نڪرڻ سان ڳوٺ جيئو وساڻ کي باھ وڪوڙي وئي، جنھن سان  ڀيل برادري جي 9 پورھيتن ھرجڻ، خميسو، چوکو، طوطو، ڪيوو،  ڦوٽو،  پاتو ۽ ڳوڌو  جا گھر سڙي رک ٿي ويا، گھرن ۾ پيل روڪ رقم، سون، چاندي جا زيور، ٻن نياڻين جو ڏاج، کٽون، بسترا، ڪپڙا ۽ ٻيو گھريلو سامان ۽ 5 ٻڪريون  سڙي رک ٿي ويون، باھ وسائڻ لاءِ ايندڙ فائر برگيڊ گاڏي رستي ۾ ڦاسي پوڻ سان ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي ڳوٺ جي باقي گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. متاثر ڳوٺاڻا عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت کليل آسمان ھيٺيان ويٺل آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو