163

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرو، ايڊمنسٽريشن بلڊنگ آڏو ڌرڻو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ايڊمنسٽريشن بلڊنگ آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي. لمس يونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم لسوا پاران قربان سومرو، اعجاز برفت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي ايڊمنسٽريشن بلڊنگ آڏو ڌرڻو هڻي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽي جي ملازمن لاءِ هائوسنگ سوسائٽي جي قيام لاءِ انتظاميا پاران ڪابه اڳڀرائي نه پئي ڪئي وڃي، جڏهن ته ملازمن جي رهائشي ڪالوني جا ڪيترائي ڪواٽر زبون حال آهن جن جي هن وقت تائين مرمت به ناهي ڪرائي وئي. هنن چيو ته ملازمن جي ٻارڙن لاءِ پبلڪ اسڪول جي قيام، پوسٽ اپگريڊيشن ۽ سميت ٻيا مطالبا تسليم نه پيا ڪيا وڃن. هنن چيو ته جيسيتائين اسان جا مسئلا حل نه ڪيا ويندا، تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو. ٻئي پاسي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا جو چوڻ هو ته انتظاميا ملازمن جي سمورن جائز مطالبن تي ڪم ڪري رهي آهي، ملازمن جي هائوسنگ سوسائٽي لاءِ زمين جا ڪاغذ تصديق لاءِ لاڳاپيل کاتي ڏانهن اماڻيا ويا آهن، سندن ٻارڙن جي  تعليم لاءِ پبلڪ اسڪول جي لکپڙهه جو سلسلو هلندڙ آهي، ان کانسواءِ ملازمن جي ترقين بابت گڏجاڻي ٿي آهي، جن کي ترقي ملڻي آهي انهن جا نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيا ويندا، رٽائرڊ ڪوٽا تي به ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ملازمن جي رهائشي ڪالوني جي ڪوارٽرن جي مرمت لاءِ پڻ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو