167

پاڪستان جو مستقبل پيپلزپارٽي ئي تبديل ڪندي: ناصر شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل پيپلزپارٽي تبديل ڪندي،آمدني ڏيڻ ۾سنڌ سڀني کان اڳيان آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته مائڪرو پاڪستان جي مطابق سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي علائقن جي ايوريج انڪم پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي جي شهري ۽ ٻهراڙي علائقن کان گهڻي آهي، سنڌ جي موجوده شهري علائقن جي جي ڊي پي انڪم ساڍا 7 هزار ڊالر کان به وڌيڪ آهي،ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾اها انڪم ان کان گهٽ هئي، هن چيو ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾اها رقم تقريبن ساڍا 6 ڊالر ٺهي ٿي،سنڌ کانپوءِ پنجاب آمدني ڏيڻ ۾ٻئي نمبر تي ۽ گهڻو پوئتي آهي، اهي سڀ شيون بلاول ڀٽو جو ويزن ۽ قيادت آهي،ملڪ جو مستقبل سندس اڳواڻي ۾تبديل ڪري سگهون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو