233

جڙي ٻوٽيون فصلن جي پيداوار کي 50 سيڪڙو تائين گهٽائي سگهن ٿيون: زراعت جا ماهر

فيصل آباد  (ويب ڊيسڪ) آبادگارن جي معمولي غفلت سبب جڙي ٻوٽيون زور پڪڙي پيداوار کي 50 سيڪڙو تائين گهٽائڻ جي صلاحيت رکن ٿيون جڏهن ته جڙي ٻوٽيون فصلن جي جيتن کي تحفظ پڻ فراهم ڪنديون آهن پر جديد ٽيڪنالوجي سان هم آهنگي نه هجڻ، زرعي ايجوڪيشن سان لاتعلقي ۽ شرح خواندگي جي گهٽتائي سبب 80 سيڪڙو هاري جڙي ٻوٽين جي خاتمي لاءِ قدم ناهن کڻندا جنهن سبب فصلن جي پيداوار تمام گهڻي متاثر ٿيندي آهي ۽ آبادگار کي 25 کان 35 سيڪڙو تائين نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. جڙي ٻوٽيون فصلن جي پيداواري خرچ ۾ اضافي ۽ ڀاڻ ۽ پاڻي جي وڏي مقدار پڻ استعمال ڪنديون آهن ان ڪري آبادگار کي ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو