151

سعودي عرب: نمازين ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ وڌيڪ 5 مسجدون بند

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي اسلامي معاملن، دعوت ۽ رهنمائي واري وزارت ملڪ جي ٽن علائقن جي نمازين ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ وڌيڪ 5 مسجدون بند ڪري ڇڏيون آهن. سعودي اخبار مطابق وزارت طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ٽن علائقن ۾ 7 نمازي ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيا هئا جنهن تي وڌيڪ 5 مسجدون بند ڪري ڇڏيون آهن. اسلامي معاملن واري وزارت چيو آهي ته 11 ڏينهن دوران 92 مسجدون بند ڪيون ويون هيون جن مان 79 سينيٽائزنگ ڪرڻ ۽ صحت جي ضابطن تي عمل جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي کوليون ويون آهن. وزارت جو چوڻ آهي ته مسجدون رياض ۾ بند ڪيون ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو