290

سنڌي ادبي سنگت وارھ جي چونڊ، عرفان منان سيڪريٽري چونڊجي ويو، جدوجهد جاري رکڻ جو وچن

وارھ (ن سوڀ) سنڌي ادبي سنگت شاخ وارھ جي سالياني چونڊ ٿي گذري جنهن ۾ عرفان منان سيڪريٽري، سجاد گل ڪائونسلر، نجم سومرو جوائنٽ سيڪريٽري، حنيف سوڍر آڊيٽر، فياض ماهي خزانچي چونڊجي ويا جڏھن ته نجيب الله چانڊيو، ڪامريڊ منان، مهراڻ چولياڻي، ساحل سڪندر ۽ جبران ڇٽو ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر چونڊجي ويا. ان موقعي تي چونڊيل عهديدارن کي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ويون، چونڊيل عهديدارن چيو ته سنڌي ادبي سنگت ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي ادبي تنظيم آھي جنهن گذريل اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي کان ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪئي آھي ماضي جيان  ايندڙ وقت ۾ پڻ مزاحمت وارو ڪردار ادا ڪندي سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي زبان جي بقا لاءِ جدوجهد جاري رکندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو