137

شام ۾ آمريڪا پاران هوائي حملا، 17 ويڙهاڪ مارجي ويا

دمشق (ويب ڊيسڪ) اوڀر شام ۾ آمريڪي فضائي حملن ۾ 17 ويڙهاڪ مارجي ويا. رپورٽن مطابق شام ۾ انساني حقن جي آبزرويٽري (ايس او ايڇ آر) هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته آمريڪي فضائي حملن ۾ هٿيار کڻي ويندڙ 3 گاڏين کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ 17 ويڙهاڪ مارجي ويا. فضائي حملن بابت آمريڪي دفاع کاتي تصديق ڪندي چيو ته انهن حملن دوران آمريڪي فوج انهن ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جن کي ايراني حمايت يافتا مليشيا استعمال ڪري رهي هئي. آمريڪي دفاع کاتي جي ترجمان جان ڪربي چيو ته اهي فضائي حملا صدر بائيڊن جي حڪم تي ڪيا ويا آهن ۽ اهي عراق ۾ آمريڪي فوجين ۽ اتحادين تي تازن راڪيٽ حملن خلاف جوابي ڪارروائي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو