106

شاهد خاقان عباسي جي اسيمبلي ميمبر شپ معطل ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي اسيمبلي ميمبر شپ معطل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. (ن) ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي اسپيڪر اسد قيصر جي شوڪاز نوٽيس جو اڃا جواب نه ڏنو آهي، اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب شاهد خاقان عباسي کي 7 ڏينهن ۾شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻو هو، پر 10 ڏينهن ٿي ويا آهن، پر جواب ناهي ڏنو، هوڏانهن اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته معاملي کي ائين نه ڇڏينداسين،ايندڙ اجلاس ۾فيصلو ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو