280

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

نواب شاهه(بيورو رپورٽ)  ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ رليشنس، شهيد بينظير ڀٽويونيورسٽي شهيد بينظيرآباد  جي  پڌرائي موجب شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ٽيسٽنگ سروسز پاران سال 2021 جي داخلائن لاءِ يونيورسٽي ۾ هلندڙ مختلف پروگرامن  بي بي اي، بي ايس (انفارميشن ٽيڪنالوجي)، بي ايس (انگلش)، بي ايس (ڪيمسٽري)، بي ايس (ايجوڪيشن)، بي ايس (اڪانامڪس)، بي ايس (اسٽيسٽڪس)، بي ايس (جينيٽڪس) ، بي ايس( سنڌي) ۽ بي ايس (ميڊيا اسٽڊيز)، جڏهن ته ماسٽر پروگرامن، ايم فل  (ايجوڪيشن) ۽  ايم بي اي ۾ سال 2020 ۾ داخلا لاءِ حصو وٺندڙ 2050 جي لڳ ڀڳ اميدوارن جي انٽري ٽيسٽ  سڀاڻي کان 4، 5 ۽ 6 ڊسمبر  صبح 9 وڳي کان ( ايس او پيز تحت شفٽ وائيز) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد مين ڪيمپس لانڍي لڳ نوابشاهه ۾ ورتي ويندي. رجسٽرار نجم الدين سوهوجي طرفان ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي هدايت ٿي ڪئي وڃي ته اهي ٽائيم جي پابندي ڪندي ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ پهرين پنهنجي اصل شناختي ڪارڊ ۽ داخلا سلپ سان حاضر ٿين. موبائل فون آڻڻ تي پابندي آهي. جڏهن ته سانگهڙ ۽ نوشهرو فيروز ڪيمپسز جي ٽيسٽ 22 ڊسمبر ورتي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو