328

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ سال 2021ع جي داخلا لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ رليشنس، شهيد بينظير ڀٽويونيورسٽي شهيد بينظيرآباد جي پڌرائي موجب شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ٽيسٽنگ سروسز پاران سال 2021ع جي داخلائن لاءِ يونيورسٽي ۾ هلندڙ مختلف پروگرامن بي بي اي، بي ايس (انفارميشن ٽيڪنالوجي)، بي ايس (انگلش)، بي ايس (ڪيمسٽري)، بي ايس (ايجوڪيشن)، بي ايس (اڪانامڪس)، بي ايس (اسٽيسٽڪس)، بي ايس (جينيٽڪس)، بي ايس (سنڌي) ۽ بي ايس (ميڊيا اسٽڊيز)، جي (ايس او پيز تحت شفٽ وائيز) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد مين ڪيمپس لانڍي لڳ نوابشاهه ۾ ورتي وئي. اهڙي قسم جي ٽيسٽ 3 ڏينهن جاري رهندي. ان سلسلي ۾ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي، ڊين پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، رجسٽرار نجم الين سوهو، طفيل احمد ميمڻ، منظور علي سيال، صغير احمد راڄپر، ڪاشف نوراني ۽ ٻين سان گڏ امتحاني بلاڪن جو معائنو پڻ ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو