182

منظور وساڻ جي عمرڪوٽ ۾ کلي ڪچھري، عوام شڪايتن جي دفتر کولي ڇڏيا

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ھدايتن تي عمرڪوٽ ۾ کلي ڪچھري، عوام شڪايتن جي دفتر کولي ڇڏيا، دانھون، مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي اپيل. خبر موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ھدايتن تي عمرڪوٽ جي شھرين جي مسئلن بابت صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ طرفان سورھيه بادشاھ ڪامپليڪس ۾ کلي ڪچھري ڪري عوامي مسئلا ٻڌا جتي ماڻھن تعليم، صحت، زراعت، بجلي لوڊشيڊنگ، پاڻي کوٽ، بدامني سميت بنيادي مسئلن بابت شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا جيڪي ٻڌڻ بعد لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کي صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ فوري طور تي حل ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ۽ چيو ته ان ۾ ڪنھن به قسم جي ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي کلي ڪچھري دوران خطاب ڪندي منظور حسين وساڻ چيو ته مون خواب ڏٺو آھي جلد اليڪشن ٿيندي ۽ ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو ھن چيو ته ارسا چيئرمين وڏي ڄمار جو آھي اھو ڪھڙا فيصلا ڪندو وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ پيو ڪري ارسا سنڌ جي عوام سان دشمني پئي ڪري ھن چيو ته مونکي کلي ڪچهري ۾ جيڪي به شڪايتون نوٽ ڪرايون ويون آهن انهن سڀني شڪايتن کي آئون وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سان گڏجاڻي ڪري هتي جي صورتحال کان آگاهه ڪندس ۽ شڪايتن جو ازالو هر صورت ۾ ٿيندو جڏھن ته کلي ڪچھري ۾ مقتول شرافت راجپوت جي ڀاءُ عدنان راجپوت ۽ مقتولا جنتا مالھي جي ڀاءُ راھول مالھي پوليس خلاف دانھيو ته قاتل جوابدارن کي اڃا تائين ناھي ڪري سگھي جنھن بابت ايس ايس عمرڪوٽ کي صوبائي صلاحڪار حڪم ڏنو ته قتل ۾ ملوثن کي گرفتار ڪري وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي جڏھن ته کلي ڪچھري دوران آبادگار اڳواڻن علي رضا راڄڙ، صوفي اڪبر ۽ ٻين دانھيندي چيو ته اسان کي نارا ڪئنال مان اڳي پاڻي گھٽ ملي رھيو آھي جنھن سبب زراعت کي وڏو نقصان ٿي رھيو آھي جنھن جو ازالو ڪيو وڃي، معذورن جي اڳواڻ محبوب خاصخيلي چيو ته اسان کي معذورن واري ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملي رھيون آھن جيڪي ڏياري معذورن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي جڏھن ته کليل ڪچھري ۾ پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي ايم پي اي قاسم سراج سومرو، طارق ٽالپر، صوبائي صلاحڪار پونجو مل ڀيل، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ، ايس ايس پي مختيار احمد خاصخيلي، ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه، حاجي بقا پلي، خالد سراج سومرو، صوفي نواز، حاجي علي مراد راڄڙ، سيٺ ڪمار ٽلواڻي، برھان الدين ڪنڀر، رسول بخش رحمداڻي ۽ ٻين شھرين ۽ سماجي حلقن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو