235

مهراڻ يونيورسٽي هائير سيڪنڊري پبلڪ اسڪول ڄامشورو ۾ داخلائون شروع

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) مهراڻ يونيورسٽي هائير سيڪنڊري پبلڪ اسڪول ڄامشورو ۾ داخلائون شروع ٿي ويون آهن. مهراڻ يونيورسٽي هائير سيڪنڊري پبلڪ اسڪول ڄامشورو جي پرنسپال پاران جاري ڪيل ٻڌرائي موجب بيبي ڪيئر سنيٽر توڙي نر سري کان ڪلاس يارهين تائين لاءِ داخلائن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ 16 جون 2021ع کان داخلا فارم مهراڻ يونيورسٽي هائير سيڪنڊري پبلڪ اسڪول مان وصول ۽ جمع ڪرائي سگهجن ٿا، داخلا فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 جولائي 2021ع آهي جنهن بعد 16 جولائي 2021 تي اميدوارن جا انٽرويو ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو