288

وفاقي حڪومت کي پيٽرول بحران جي جاچ رپورٽ پبلڪ ڪرڻ لاءِ 14 ڊسمبر تائين جي مهلت

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي پيٽرول بحران جي جاچ رپورٽ پبلڪ ڪرڻ لاءِ 14 ڊسمبر تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيٽرول بحران ۽ اگهن ۾ واڌ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته پيٽرول بحران جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، جاچ رپورٽ پبلڪ ڪرڻ لاءِ ڪابينا کي اماڻي وئي آهي. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ قاسم خان رمارڪس ڏنا ته رپورٽ هن وقت تائين عوام سامهون ڇونه آندي وئي آهي، ايندڙ ٻڌڻي تائين رپورٽ پبلڪ نه ٿي ته سموريون ڌريون عدالت ۾ پيش ٿينديون. وفاقي حڪومت کي پيٽرول بحران جي جاچ رپورٽ پبلڪ ڪرڻ لاءِ 14 ڊسمبر تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس رپورٽ پبلڪ نه ڪرڻ جي صورت ۾ 14 ڊسمبر تي ڪميشن جي سربراهه ابوبڪر خدا بخش کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس قاسم خان رمارڪس ڏنا ته وزيراعظم عمران خان ته چوي ٿو ته هر معاملي جي رپورٽ پبلڪ ٿيڻ گهرجي پوءِ هي ڇونه ٿي؟ ڪميشن جو سربراهه رپورٽ بند لفافي ۾ عدالت ۾ جمع ڪرائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

وفاقي حڪومت کي پيٽرول بحران جي جاچ رپورٽ پبلڪ ڪرڻ لاءِ 14 ڊسمبر تائين جي مهلت” ایک تبصرہ

  1. اوهان جي اخبار تمام سٺي ماشاالله پر اسان جو عرض آهي اسان به ايڪتا جي حوالي سان ڪجه لکڻ ٿا چاهيون جيڪڏهن اوهان راضي آ هيو ته پو مون کي اي ميل تي ٻڌائجو
    مهرباني

پنهنجي راءِ ڏيو