126

ڪورونا ويڪسين کان انڪار ڪندڙن کي جيل موڪلي سگهجي ٿو: فلپائني صدر

منيلا (ويب ڊيسڪ) فلپائن جي صدر روڊريگوڊوٽير خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ويڪسين کان انڪار ڪندڙن کي جيل موڪلي سگهجي ٿو، ڪورونا وائرس جي نئين قسمن جي روڪٿام لاءِ سخت قدم متعارف ڪرايا آهن. فلپائني صدر جو چوڻ هو ته اها ايمرجنسي جي صورتحال آهي ۽ جيڪڏهن ويڪسين لڳرائڻ کان انڪار ڪيو ويو ته اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو. فلپائن جي صدر ٻهراڙين جي سربراهن کي انڪار ڪندڙ ماڻهن جون لسٽون تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو