345

مٺي ۾ سپرسڪس ٽورنامينٽ، ينگسٽر مٺي ڪاميابي ماڻي ورتي، بهترين رانديگرن کي ٽرافين سان نوازيو ويو

مٺي (ن سوڀ) مٺي  ۾ پھرين دراني سپر سڪس ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ھيلي پيڊ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ مختلف علائقن کان آيل 6 ٽيمن هر هڪ دراني ينگسٽرمٺي، نعيم اختر ڪرڪيٽ ڪلب مليھار، ڪارونجهر، يار ويس اليون چيلھار ۽ ڪيرٽي اليون حصو ورتو. فائنل دراني ينگسٽر مٺي ۽ ڪيرٽي  اليون وچ ۾ ٿيو، جنهن دوران دراني ينگسٽر مٺي ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، 6 اوور ۾ 115 رنسون ٻن وڪيٽ تي ٺاهي ٽارگيٽ ڏنائين،  ان کانپوءِ ڪيرٽي اليون بيٽنگ دوران  6اوورس ۾ 6 وڪيٽ جي نقصان کانپوءِ 90 رنسون ٺاهيون ۽ فائنل دراني ينگسٽر مٺي کٽي ورتو. مقابلي ۾ ڪامياب ٽيم جي ڪئپٽن فياض جنجهي کي ونر ٽرافي، بهترين بيٽنگ جو طارق دراني تيرٿ شيواڻي، منير احمد سومرو  بالنگ لاءِ وامن ڀيل، پرتاب سنگهه کي ٽرافي ڏني وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو